خيرپور ۾ مسلسل برسات سبب مک علائقن ۾ پاڻي جا تلاءَ بيٺل آهن. خيرپور شهر جو مين پنجگلا چوڪ، جامع مسجد چوڪ، لقمان، شيشم ڪالوني، ميمڻ پاڙ، سنڌي اسڪول، خورشيد ڪالوني، اسٽيشن روڊ، اوستا گاهي، نم موڙ، اسٽيشن روڊ، سول اسپتال روڊ، ڳاڙهي پل روڊ سميت خيرپور جي ٻين علائقن ۾ مينھن ۽ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي، جيڪي تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب سڄي شهر ۾ مختلف چوڪن تي نالين جو پاڻي بيٺل آهي، جنھنڪري رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي نااھلي سبب اڳ ۾ نيڪاسي جو نظام صحيح نه هجڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين جو گندو پاڻي اوور ٽاپ ٿي گهٽين ۾ وهندو هو، ويتر برسات جو پاڻي گهرن، گهٽين ۽ رستن ۾ جمع ٿيڻ ڪري بدبو پکڙجي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close