سنڌ

سڪرنڊ ڀرسان رهواسين جو پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ دين محمد راهو جي رهواسين سڪرنڊ پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي محمد هارون راهو، الطاف حسين راهو ۽ ٻين دانهيو ته ڳوٺ حاجي الهيار راهو جي رهواسي بااثر امام علي، امداد علي راهو، احسان ٻرڙو، احسان ٻرڙو، چنيسر ٻرڙو اسان جي نوجوان مظهر راهو کي ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اڃا تائين حيدرآباد اسپتال ۾ داخل آهي، جنهن جو سڪرنڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي. پوليس پڻ گرفتار نٿي ڪري. ڳوٺاڻي الطاف حسين راهو ٻڌايو ته منهنجي ڀاڻيجي مظهر راهو کي ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪيو ويو آهي، جنهن جي حالت اڃا خراب آهي، اسان سڪرنڊ ٿاڻي تي مٿين 4 جوابدارن امام علي راهو، امداد علي راهو، احسان ٻرڙو، چنيسر ٻرڙو خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي پر 20 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس کين گرفتار نٿي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button