سنڌ

وزيراعظم جو وڏي وزير سان رابطو،برسات متاثرن جي واهر جي خاطري

سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان ٿيندڙ طوفان برسات سان نقصان جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف وزير عليٰ مراد علي شاهه سان رابطو ڪيو. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ تيز برساتن سان نقصان تي ڏک آهي. شهباز شريف چيو ته يقين آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي وڏي وزير جي قابل قيادت ۾ زندگي کي معمول تي آڻيندي. وزيراعظم ميان شهبازشريف وڌيڪ چيو ته هن سنڌ حڪومت کي هر تعاون جي آڇ ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک آهي، ڪرنٽ لڳڻ جهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ايمرجنسي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم برساتن سان ٿيل نقصان تي افسوس ۽ متاثرين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو ته عوام جي تحفظ ۽ مدد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. وزيراعظم شهبازشريف تيز برساتن کان عوام جي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته نقصانن کان بچاءُ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button