
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي نيڪالي واري نظام کي درست ڪري رهيا آهيون، نالن تي سرڪاري عمارتون سالن کان اڏيل آهن، نالن تي حددخلين کي هٽائڻو پوندو، ڀلي اهي سرڪاري عمارتون ڇو نه هجن، پوري ڪوشش ڪنداسين ته جلد کان جلد پاڻي نيڪال ٿئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رين ايمرجنسي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته اوڀر ڊسٽرڪٽ جي صورتحال سڀ کان وڌيڪ خراب آهي، وزيراعظم به فون ڪري سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. سيد مراد علي شاهه چوماسي برساتن دوران مختلف واقعن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي پونئيرن لاءِ امداد جو اعلان به ڪيو.