سنڌ

صدر عارف علوي کي عام چونڊن کان اڳ هٽايو ويندو:منظور وساڻ

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آھي صدر پاڪستان عارف علوي کي عام چونڊن کان اڳ هٽايو ويندو، عارف علوي ضرور ھٽندو ۽ سال 2023 کان اڳ ھٽندو، جيڪڏهن ڪو پاڪستان جو نئون صدر ٿيندو ته اهو پيپلز پارٽي مان ئي هوندو. منظور وساڻ اڱاري ڏينھن پنھنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان شايد ايندڙ اليڪشن ۾ نه هجي ۽ سندس جاءِ تي ڪو ٻيو اچي،پنجاب ۾ مڪاني چونڊون عمران خان نه پر مسلم ليگ ن کٽيندي. ھن اڳڪٿي ڪندي چيو ته عمران خان ايندڙ عام چونڊن ۾ ايتريون سيٽون کٽي نه سگهندو، جيتريون اڳ ۾ کٽيون ھيائين، ملڪ ۾ هن سال عام چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي. منظور وساڻ چيو ته عام چونڊون ايندڙ سال اپريل يا آگسٽ 2023 ۾ ٿي سگهن ٿيون، پاڪستان پيپلزپارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ اڳ کان وڌيڪ سيٽون کٽيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button