سنڌ

بلبل مهراڻ روبينا قريشي لاڏاڻو ڪري وئي

ڪوئل سنڌ ۽ بلبل مهراڻ جي نالي سان مشهور راڳي ۽ اداڪاره روبينا قريشي 13 جولاءِ تي 81 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهي بيماري کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي. روبينا قريشي 2 سال اڳ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي هئي ۽ ڪافي وقت تائين آغا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي پر ٻه مهينا اڳ ڪوما ۾ هلي وئي هئي.ڪوما ۾ وڃڻ کان اڳ هوءَ سخت بيمار هئي ۽ هن سال مارچ ۾ صدارتي ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهي هئي، ايوارڊ سندس مڙس مصطفيٰ قريشي وصول ڪيو هو. روبينا قريشي صدارتي ايوارڊ کان علاوه ڪيترائي ايوارڊ به حاصل ڪري چڪي آهي، هن ڀارت، انڊونيشيا، ملائيشيا، چين، ترڪي، برطانيا، متحده عرب امارات ۽ آمريڪا ۾ پرفارم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، پر هوءَ پنهنجي ڳائڻ جي ڪري مشهور ٿي ۽ شروع ۾ ڪيترن ئي سالن تائين ڳائيندي رهي. کيس پنهنجي منفرد ۽ سريلي آواز سبب ڪوئل سنڌ ۽ بلبل مهر جي لقب سان نوازيو ويو، منفرد انداز ۾ ڳائي ماڻهن جون دليون کٽيائين. روبينا قريشي سنڌ جي ٻئين وڏي شهر حيدرآباد ۾ 1940ع ۾ جنم ورتو، پرائمري تعليم اتي مڪمل ڪرڻ بعد هن سنڌ يونيورسٽي مان مسلم تاريخ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد مان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. روبينا قريشي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ شاگردياڻي طور ڪئي ۽ 1970ع کان اڳ هن ان وقت جي ريڊيو پروڊيوسر مصطفيٰ قريشي سان شادي ڪئي ۽ لاهور هلي وئي، جتي هن پنهنجي استاد غلام علي کان ڳائڻ جي وڌيڪ تربيت پڻ ورتي. لاهور منتقل ٿيڻ کانپوءِ سندس مڙس پاڪستاني ۽ پنجابي فلمن ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن ته ان کان اڳ هو سنڌي فلمن ۾ هيرو طور نظر ايندو هو ۽ روبينا قريشي ڪيترن ئي سنڌي فلمن لاءِ گانا پڻ ڳايا. روبينا قريشي کي لعل شهباز ۽ شاهه لطيف ايوارڊ سميت ٻيا ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ قديم سنڌي موسيقيءَ جا مداح اڄ به سندس گيت ٻڌن ٿا. کيس هڪ پٽ، اداڪار عامر قريشي ۽ هڪ ڌيءَ اربيلا قريشي آهي.
روبينا قريشي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button