ڪراچي ۾ تازو ٿيندڙ برساتن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي صوبائي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙن کي جواب ڏيڻ لاءِ بختاور ڀٽو زرداري به ميدان ۾ اچي وئي. بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري سڄي دنيا ۾ ترقي يافتا شهر اربن فلڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ ايتري وڌيڪ برساتن جي اميد نه هئي، ڪراچي ۾ هن سال رڪارڊ ٽوڙ برساتون ٿيون آهن. سنڌ حڪومت جي حمايت ڪندي بختاور ڀٽو زرداري وڌيڪ لکيو ته صوبائي حڪومت 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهي آهي، پاڻي نيڪالي لاءِ پهرين برسات جو بيهڻ ضروري آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close