سنڌ

ڪراچي ۾ گهٽ وقت ۾ وڌيڪ برساتن سبب نظام متاثر ٿيو:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ گهٽ وقت ۾ وڌيڪ برساتن سبب نظام متاثر ٿيو آهي. پريس ڪانفرنس خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ٽن ڪلاڪن دوران 127 ملي ميٽر برسات پئي. گهٽ وقت ۾ وڌيڪ برسات سسٽم کي متاثر ڪيو. ان کان اڳ 2020ع ۾ تمام گهڻي برسات پئي، مراد علي شاهه چيو ته جنهن ڏينهن برسات پئي ان ڏينهن گند ڪچرو کڻڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون پيش آيون. افسوس آهي ته معاملي کي سياسي رنگ ڏنو وڃي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته عيد جي ڏينهن شهر ۾ ڪو پاڻي نه هو، ٻئي ڏينهن شديد برسات پئي، جنهن سبب پاڻي وڌيڪ هو. موسمياتي تبديليءَ سبب تيز برسات ٿي رهي آهي، ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 132 ملي ميٽر برسات پئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چيو ويو ته عيد تي سمورا آفيسر گهر هليا ويا جڏهن ته ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪمشنر سميت سمورا آفيسر ڪراچي ۾ موجود هئا. مخالف ڌر جي پارٽين تي تنقيد ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هو اليڪشن ويجهو ايندي ٻين تي گند اڇلائيندا آهن، هاڻي اهي ماڻهو بيٺا ويهي زهر اوڳاڇي رهيا آهن. اڳوڻي حڪمران پارٽي تي تنقيد ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پاڻ کي وڏي پارٽي سڏائي ٿي پر ائين ناهي. عمران خان ساڍا ٽي سال وزيراعظم رهيو ۽ ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن به نه گذاريائين. توشا خاني مان چوري توهان ڪيو ۽ چور اسين آهيون؟ کنڊ، توهان اٽو چوري ڪيو ۽ اسين چور آهيون؟ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪالهه صبح تائين پاڻي صاف هو. عيد جي پهرين ڏينهن کان ئي سڄي سنڌ حڪومت روڊن تي آهي. سڀاڻي کان برسات جو هڪ ٻيو سلسلو اچي رهيو آهي، جنهن لاءِ اسان کي هاڻي نالن جي صفائي ڪرڻي آهي. هن چيو ته 2007 ۾ برساتن دوران 228 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. 2009ع ۾ برساتن دوران 50 ڄڻا فوت ٿي ويا. مراد علي شاهه چيو ته ميڊيا اهڙي ڳالهه نه ڪري، جنهن سان افراتفري پکڙجي. ميڊيا کي حقيقت سامهون آڻڻ گهرجي. ڊرينيج تي حددخلين ۽ اڏاوتن بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته لوڪل گورنمينٽ بلڊنگ نالي تي ٺاهي وئي آهي. ڇا اها عمارت 10، 5 يا 20 سال اڳ ٺاهي وئي هئي؟ مون سپريم ڪورٽ جي پارڪنگ لاٽ نالي تي ٺاهي آهي؟ واهه تي دڪان آهن، ڇا مون ٺاهيا آهن؟ ڇا اهي دڪان يا سموريون اڏاوتون ڊاهڻ گهرجن؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button