سنڌ

قاضي احمد ۾ پيپلز پارٽي جو يوسي صدر گوليون هڻي قتل

قاضي احمد ۾ 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند نيو بسم الله هوٽل ۾ گهڙي پ پ يوسي ڏيڙان جي صدر عبدالزيز کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته هوٽل تي ويٺل پ پ اڳواڻن عبدالعزيز کوسو کي قاضي احمد اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. قتل جي اطلاع تي پ پ سميت سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا، جنهن کان پو مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جيڪي لاش کڻائي گهر پهتا ته روڄ راڙو مچي ويو. هوڏانهن واقعي جي خبر باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. جڏهن ته پ پ تعلقي قاضي احمد جو صدر عبدالنبي جمالي، بھار خان مري، انجنيئر غفار جتوئي، نبي بخش ماڃوٺو، ڪامريڊ محمد سليم خاصخيلي، واپاري سيٺ سجاد علي لاکو ۽ ٻيا تڏي تي پهچي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button