وهڙي ڀرسان دبر واري علائقي ۾ مڪاني چونڊن واري ڏينهن الله جڙيو جاگيراڻي پولنگ اسٽيشن تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان عبدالقدير جاگيراڻي جي قتل بعد تڪرار وڌي ويو آهي. ٻنهي ڌرين جي ماڻهن دُبر لڳ ريلوي ٽريڪ وٽ هٿيارن سان هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب دينو جاگيراڻي، عثمان جاگيراڻي سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جيڪي ڪيتري دير تائين ريلوي ٽريڪ تي پيل رهيا. فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بنجي ويو. ان دوران مختلف ريلوي اسٽيشن تي روهڙي ۾ عوامي ايڪسپريس، سانگي ويجهو خيبر ميل ٽرين، مهيسرو ۾ شاهه حسين ايڪسپرين کي روڪيو ويو. هوڏانهن ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو. ياد رهي ته مڪاني چونڊن واري ڏينهن تي يوسي پنهوار جي پولنگ اسٽيشن الله جڙيو تي جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ٿي. جنهن ۾ عبدالقدير جاگيراڻي قتل ٿيو ۽ 7 سالن جي نياڻي تانيه سميت دينو بلال عثمان زخمي ٿي پيا ھئا، جن کي سکر جي خانگي اسپتال حرا ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close