راڻيپور جي شھباز ڪالوني مان 18 ڏينھن 27 جون تي ٽيوشن تي ويندي اغوا ڪيل واپاري ھيري مل جو 8 سالن جو معصوم پٽ آديش ڪمار بازياب ٿي گھر پھچي ويو آهي. نينگر جي گھر پھچڻ تي ما ۽ پي خوشي ۾ روئيندي معصوم پٽ کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو. جڏهن ته نينگر جي بازيابيءَ جي خبر ملڻ تي وڏي انگ ۾ شھري، سول سوسائٽي جا ماڻھو آديش ڪمار جي گھر پھچي والد ھيري مل کي مبارڪون ڏيندا رھيا. آديش جي بازياب کان پوءِ جذباتي منظر ڏسڻ وٽان مليا، جنھن ۾ ايس ايس پي خيرپور کان نينگر وصول ڪندڙ آديش جي پيرسن ڏاڏي پنھنجا لڙڪ روڪي نه سگھي ۽ آديش ڪمار ڏاڏي کي ڀاڪر ھڻڻ وقت روئي ويٺو. جڏھن ته پاڙيسري ۽ اتي موجود شھري سندس گھٽيءَ کان وٺي دروازي تي پھچڻ تائين آديش ويلڪم ويلڪم جا نعرا ھڻندا آڌر ڀا ڪندا رھيا. سندس پيءُ ھيرو مل ۽ ما به پٽ سان ملڻ وقت پنھنجا لڙڪ روڪي نه سگھيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close