سنڌ

دوداپور ويجهو ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر، متاثرن جو احتجاجي ڌرڻو

دوداپور ويجهو غلام شاهه ٿاڻي جي حد بھرام لاڙو وٽ ھٿياربندن دوداپور جي رھواسي اللہ بخش لانگاهه کان موٽرسائيڪل ڦري ويا. ڳوٺاڻن غلام شاھه ٿاڻي ويجهو جيڪب آباد رتوديرو مين روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن الهبخش لانگاهه، نصرالله ٿهيم، برڪت لانگاهه، علي محمد لانگاهه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته غلام شاهه ٿاڻي تي اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس حد جو اعتراض ڄاڻائي ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، محمد پور ٿاڻي جي پوليس پڻ غلام شاهه ٿاڻي جي حد ڄاڻائي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري موٽرسائيڪل واپس ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button