
ڪرمپور ويجهو ڳوٺ مشتاق احمد بجاراڻي وٽ بيگاري ڪئنال جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا، برسات ۽ پاڻي جي وهڪري سبب بند ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو. بند ٽٽڻ جي صورت ۾ 50 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته بيگاري ڪئنال جو بند ٽٽڻ جي صورت ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل لڙھي ويندو. علائقي واسين ممتاز علي چولياڻي، الهبخش ملڪ، غلام مصطفي’ جعفري، قربان بجاراڻي ۽ ٻين چيو ته بيگاري ڪئنال جو بند انتهائي ڪمزور ٿي چڪو آهي، هڪ سئو فوٽ وارو بند باقي 6 فوٽ بچيو آهي. برسات هلي پئي بند ٽٽڻ جي صورت ۾ ديھه ڪرمپور، ديھه گڙو ۽ ديھه بختيارپور جا 50 ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندا. هنن وڏي وزير، آبپاشي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بند جي مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن علائقي واسي نقصان کان بچي سگهن.