لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي واسي 28 ورهين جي ٻن ٻارڙن جي پورهيت پيءُ علي رضا سومرو غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، جنهن جو لاش نه ملڻ تي وارثن پرائيوٽ ٽوٻا گهرائي پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ڪڍرائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. بروقت اطلاع ملڻ باوجود اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو 4 ڪلاڪ دير سان پهچي لاهوري ريگيوليٽر جا دروازا بند ڪرائي ڇڏيا. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي والد امداد سومرو ۽ ٻين وارثن احتجاج ڪندي لاهوري پل مٿان گذرندڙ روڊ تي ٽائر ساڙي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنهي پاسن جي ٽريفڪ بند ٿي وئي، جڏهن ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي والد امداد سومرو ۽ ٻين وارثن دانهيندي چيو ته علي رضا سومرو غربت ۽ بيروزگاري سبب رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي، جنهن کي ٻن پٽن جي اولاد آهي. هنن الزام لڳايو ته بروقت پوليس ۽ ضلعي انتظاميا کي اطلاع ڪرڻ باوجود چار ڪلاڪ گذري ويا پر ضلعي انتظاميا اسان سان تعاون نه پئي ڪري ۽ اسان کي ڪڏهن ڪمشنر آفيس ڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ته اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ڏانهن ڊوڙايو پيو وڃي پر هيل تائين ريگيوليٽر جا دروازا به بند نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري هن وقت تائين اسان جي نوجوان جو لاش به نه ملي سگهيو آهي. هنن چيو ته هتي ٽوٻا به موجود ناهن ۽ نه ئي ڪا سيفٽي يا ريسڪيو ٽيم موجود آهي، جنهن سبب اسان پرائيويٽ طور تي ٽوٻا گهرائي پنهنجي پياري جو لاش ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪري اسان کي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close