بخشاپور ۾ جهيڙي جي ٻن مختلف واقعن ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. بڊاڻي جي سومرا محلي ۾ ٻن سڳن ڀائرن ۾ نالي جو گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لاھي ڏنو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا ٽن عورتن سميت 18 ڄڻا زخمي ٿيا. زخمين کي بخشاپور ۽ ڪشمور اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ علي حسن، نديم سومرو، سجاد سومرو، احسان، فرمان سومرو، مورت خاتون، سلمان خاتون، انور خاتون ۽ ٻيا شامل آھن. بخشاپور ويجهو ڳوٺ جان علي بنگوار ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا عورت سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ليمون بنگوار، اسدالله بنگوار، ديدار بنگوار، شعبان بنگوار، اسماعيل بنگوار ۽ ٻيا شامل آهن. وارثن پنهنجي مدد پاڻ زخمين کي ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو. ٻنهي جهيڙن جو ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close