آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ثقافت کاتي پاران سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي ورسي تقريب آڊيٽوريم 1 ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ثقافت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، اڳوڻي جو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه، سنڌ اسيمبلي ميمبرن ۽ ناليوارن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته امر اقبال، ممتاز بخاري، ابراهيم کرل، شبنم گل، مختيار ملڪ ۽ ٻين اديبن نسيم کرل جي ادبي ورثي جي حوالي سان پنهنجا مقابلا پيش ڪيا. تقريب جي صدارت سنڌ جي نالي واري اديب غلام نبي مغل ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اهو صوبو آهي، جنهن بنا فرق بنا رنگ نسل ۽ زبان پنهنجي هنج ۾ ورتو. اسان کي سنڌ ڌرتي کي پنهنجو ڪرڻو پوندو، هن ڌرتي جا دشمن هاڻي ڏوهن کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻو پوندو ته ڏوهاري جي ڪائي ذات، زبان ۽ قوم ناهي هوندي. پوليس جي عملداري جا مسئلا ان وقت به هئا ۽ اڄ به آهن. هن چيو ته مان نسيم کرل جي ڪهاڻي مساوات پڙهي، ان ۾ سماجي اڻ برابري جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، نسيم کرل جون ڪهاڻيون انگريزي ترجمو ٿيڻ سان سڄي دنيا ۾ پڙهيو وينديون. نسيم کرل جي ڪهاڻي 34هون در وارا مسئلا اڃا تائين موجود آهن. سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته کرل قبيلو پنجاب مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ آيو ته هي قبيلو ادب ۽ علم جي روشني ڦهلائڻ لڳو، نسيم کرل جو قتل خوابن جو قتل هو، تخليقڪار سڀ کان پهريان مقامي هوندو آهي ۽ ان کان پوءِ ئي گلوبل ٿيندو آهي. هن چيو ته فڪشن هجي نان فڪشن، نثر هجي يا شهري هر تخليڪار پنهنجي سماج جي نبض کي سڃاڻيندو آهي ۽ پنهنجي معاشري جو سڀ کان گهرو مشاهدو ڪندو آهي. نسيم کرل پنهنجي سماج جي مسڪين ماڻهن جي خوابن کي سمايو، نسيم کرل کي مختلف اديبن کوڙ سارا لقب ڏنا پر مان سمجهان ٿو ته هو جاگيردار هو پر هن سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ڳلي لڳايو. هن چيو ته ثقافت کاتو نسيم کرل جي سموري ادبي محنت کي شايع ڪرائيندو، جڏهن ته محمد ابراهيم جويو ٽرانسليشن بيورو طرفان نسيم کرل جي شارٽ اسٽوريز جو ترجمو ڪرايو ويندو. صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه چيو ته نسيم کرل جهڙن ڪهاڻيڪارن کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي. هن چيو ته آرٽس ڪائونسل جو فورم سمورين ٻولين جي ادب لاءِ موجود آهي، اسان عالمي اردو ڪانفرنس کي سمورين زبانن جي ادب ۾ سمائي ڇڏيو آهي. ايم پي اي نعيم کرل چيو ته اسان جو تعلق کرل آباد سان آهي، 39 سالن جي ڄمار ۾ منهنجو ڀاءَ شهيد ٿيو، اسان جو وقت خوشگوار هو، يادون ته کوڙ ساريون آهن. هن چيو ته گمبٽ ۾ منهنجي ڀاءُ جي نالي تي اسان کي ڊجيٽل لائبريري ٺاهي ڏني وڃي ڇو ته هو هڪ وڏو اديب هو. تقريب جي پڄاڻي تي ڪلاسيڪل راڳ رنگ به ڪرايو ويو، جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙن وڏو لطف ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close