سنڌ صوبي جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ جهيڙي دوران قومپرست پارٽيءَ جي ورڪر بلال ڪاڪا جي مارجي وڃڻ کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو اثر جمعي ڏينهن ڪراچي ۾ به محسوس ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سهراب آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي. سهراب ڳوٺ جي ايريا ۾ پوليس ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب پوليس جو چوڻ آهي ته خميس ڏينهن سهراب گوٺ ۾ وڳوڙ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته هن وقت تائين 90 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ڪراچي پوليس پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر موجب، مظاهرين جي هٿن ۾ رنڊا ۽ هٿيار هئا، جن ڪراچي بس ٽرمينل تي ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ شروع ڪئي. ايف آءِ آر موجب مظاهرين جو انگ 1500 کان 2000 جي وچ ۾ هو، جن سپر هاءِ وي تي چڙهائي ڪري ويندڙ مسافرن ۽ گاڏين ۾ سوار مسافرن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين مان 27 ورهين جو نجم الحسن ۽ 45 ورهين جو نذير احمد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close