
نوابشاهه ۾ ڀيڻوئي فائرنگ ڪري ٻن سالن کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب جوابدار محمد علي اعواڻ پسٽل جا فائر ڪري پنھنجي ٻن سالن ناصر اعواڻ ۽ باقر اعواڻ کي قتل ڪري موقعي تان ڀڄي ويو، جنھن کي بعد ۾ اي سيڪشن پوليس سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو، پوليس لاش پي ايم سي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا، لاش گھر پھچڻ تي سڄو علائقو سوڳ ۾ وٺجي ويو، قتل جو سبب رشتيداري تڪرار ٻڌايو وڃي ٿو، جوابدار خلاف ٻن خونن جو ڪيس داخل ڪري پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.