جيڪب آباد ۾ بلال ڪاڪا جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاجي جلوس ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي، نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي. عبدالغفور ٿهيم جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو. مظاھرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بلال ڪاڪا جا قاتل اڃان تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ ڄاوا اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. 40 لک کان وڌيڪ ڌاريا ڪراچي ۾ قابض بڻيل آهن پر سنڌ سرڪار انهن کي تحفظ ۽ ڪالونيون ڏيڻ لاءِ اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرايو آهي جيڪا سنڌ دشمني آهي. هنن مطالبو ڪيو ته افغانين کي ڪالونيون ڏيڻ وارو بل رد ڪري ڌارين کي سنڌ مان واپس پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي ۽ بلال ڪاڪا جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close