لاڙڪاڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي 5 اهلڪارن کي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ تي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو. رپورٽ موجب ٽي ڏينهن اڳ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي اهلڪارن ايس ڊي ايم آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري سهولتن جي کوٽ ۽ ملازمن کي بنا جواز بدلي ڪري کانئن رشوت وٺڻ جو الزام لڳايو هو. ميڊيا تي اهڙيون خبرون نشر ٿيڻ تي ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ فورس ليفٽيننٽ رٽائرڊ مرتضى تبسم نوٽيس وٺندي 5 اهلڪارن اي ايس آءِ امجد حيدر سانگي، اهلڪار ساجد علي، بلاول خان، محمد ڇٽل ۽ ياسر علي کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جاري ڪيل آرڊر موجب اهلڪار انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين معطل رهندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close