باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقا موومينٽ جي اڳواڻ زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻ دودو ديشي، علي انور عسڪري، محمد علي خشڪ، ڪامريڊ منور نوناري، اصغر نوناري، شمس الدين پنهور، عبدالله بروهي غفاري، سيد عاشق شاهه، نظام ڪولاچي، نبي رضا بلوچ، طاهر نور هيسباڻي، محمد هاشم مدني سومرو، واحد سنڌي، امين سيال، جي ايم چنجڻي، مور سنڌي، نادر سومرو، ڪاشف جوڻيجو، فقير جلال ساريو، بخشل مگسي سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته باڊهه کان 12 ڪلوميٽر پري نصيرآباد شهر ۾ واٽرسپلائي جو پاڻي پھچي سگهي ٿو پر باڊهه واسي جر جو زهرآلود پاڻي پيئڻ تي مجبور بڻيل آهن. اسان جا چونڊيل صرف باڊهه شهر جي ماهوار هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ بجيٽ کي تيل تماڪ ڪرڻ جي سياست ڪندا آهن پر عوامي مسئلن ٻڌڻ لاءِ هو ڪڏهن عوامي ميڙاڪي ۾ نه آيا آهن. باڊهه واسي پنھنجا بنيادي مسئلا کڻي سندن ڏانهن وڃن پوءِ به هو ملڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن جنهن ڪري باڊهه واسي هاڻي بيزار ٿي چڪا آهن، جيڪڏھن ايندڙ چونڊن تائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه مليو ته پيپلزپارٽي کي وڏو نقصان پهچندو جنهن جا ذميوار چونڊيل نمائندا هوندا جيڪي تڪ جي عوام سان به سچا ثابت نٿي سگهيا آهن. هنن چيو ته باڊهه تعلقا موومينٽ جي جدوجهد کي 3 سال مڪمل ٿي ويا ۽ هاڻي جدوجهد چوٿين سال ۾ پهچي چڪي آهي. باڊهه کي تعلقو بڻائڻ تائين اسان هر هفتي پنهنجو احتجاج جاري رکنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close