نئون ديرو ٿاڻي آڏو ھوٽل تي چانهه پيئڻ لا ويل علي گل راھوجو کي گم ٿيڻ بعد تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ وارو معاملي جي جاچ ۾ پوليس ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي. لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي پاران جوڙيل ڊي ايس پي صدر سميت نئون ديرو ۽ ماھوٽا ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز تي مشتمل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم به اعلان تائين محدود آھي، جنھن ڪري مقتول جي وارثن ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي. جڏھن ته مقتول جي وارثن وٽ ڪو سياسي سماجي اڳواڻ لڙي نه آيو آھي. مقتول جا وارث واقعي کي ٻه ڏينھن گذرڻ باوجود ڪو کڙ تيل نه نڪرڻ سبب انتظامي نااھلي تي سخت مايوس آھن. ٻئي طرف مقتول جي والد امان الله جو چوڻ آھي ته منھنجو معصوم پٽ علي گل تي ٿاڻي آڏو ھوٽل تان گم ڪري تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڃا تائين انصاف ناهي مليو، پوليس پٽ جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا. ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياري. ھوڏانھن جوائنٽ انويسٽيگيشن جي سربراهه ڊي ايس پي آغا شڪيل پٺاڻ جو چوڻ آھي ته علي گل جو بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، جنھن تي جاچ جاري آھي. جلد قاتلن کي گرفتار ڪري وٺنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close