لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ ميونسپل عملي شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون، جنهن دوران علائقي ۾ دڪانن اڳيان غيرقانوني طور ٺاهيل دڪا ڀڳا ويا. ان موقعي تي اي سي لاڙڪاڻو احمد علي سومرو چيو ته مختلف وقتن تي يار محمد ڪالوني جي رهواسين غيرقانوني اڏاوتن جون شڪايتون ڪيون هيون، جن تي ڪارروائي ڪري دڪانن اڳيان ٺهيل دڪا ڀڳا آهن، جڏهن ته ڪجهھ ماڻهن کي وارنگ ڏني آهي ته هو پاڻ مرادو حددخليون هٽائين ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪنهن به شخص کي غيرقانوني اڏاوتون توڙي حددخليون ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جيڪو اهڙو عمل ڪندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close