قمبر جي ڳوٺ نورنگ جاگيراڻي جي رهواسين عورتن مردن معصوم ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حاڪم علي بليدي، اختيار علي بليدي، وزيران، زهران ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان ساجد علي بليدي کي بيگناهه قتل ڪيو هو، جنهن جا قاتل عاشق بليدي، امداد علي، مختيار بليدي، آصف بليدي گرفتار نه ٿيا آهن، دوست علي بنگلا ٿاڻي جي پوليس قاتلن سان ٻٽ ٿي رشوت وٺي ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان غريب آهيون اسان جي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close