سنڌ

خيرپور ۾ جسقم اڳواڻ امجد مهيسر تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج

جسقم جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر جي گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪرڻ ۽ سندس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جسقم جي مرڪزي اڳواڻن پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڏاڏو اطھر سومرو، ديدار شام، اياز ڪورائي، اشرف ڪلھوڙو، خرم مھيسر، الطاف چنو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بااثر جوابدارن جسقم جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر جي گھر تي حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪئي ۽ ڪيس به سندن مٿان داخل ڪيو ويو آهي، ھي ڪھڙو انڌو قانون آھي جنھن جوابدارن خلاف نه ڪيس داخل ڪيو ۽ نه وري ڪو جوابدار گرفتار ڪيو ويو، ويتر پوليس امجد مھيسر ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ جساف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ياور مھيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ھن جي مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي. خيرپور پوليس ضلعي جو امن ھٿ سان خراب ڪري رهي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button