سنڌ

تنگواڻي مان اغوا ٿيل نينگر جي بازيابي لائي شٽربند هڙتال،ڌرڻو

تنگواڻي جي مدرسي محلي مان 17 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل 3 ورهين جو جنيد بکراڻي بازياب نه ٿي سگهيو. پوليس پاران ڪا اڳڀرائي نه ڪرڻ خلاف شهرين سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. جڏهن ته معصوم نينگر جنيد بکراڻي جي بازيابي لا تنگواڻي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، گسٽا، واپارين تنظيمن ۽ شهرين شٽربند هڙتال ڪندي مڪمل طور تي ڪاروبار بند ڪري وين اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن اڳواڻن اڪرم باجڪاڻي، شربت علي نندواڻي، ڪفايت الله کوسو، علي گوهر بکراڻي، گسٽا اڳواڻ استاد عبدالله باجڪاڻي، ميان بخش ڏاهاڻي، ارصلاح ڏاهاڻي، آفتاب ملڪ ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته تنگواڻي پوليس ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آھي. ٻارڙو بازياب نه ٿيڻ سبب وارث پريشان هجڻ سبب گهرن ۾ روڄ راڙو متل آھي. اسان اعلى اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي نوٽيس وٺي نينگر جنيد بکراڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button