لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي آريجا خير محمد شهر جي رهواسين 20 ڏينهن اڳ لاپتا ٿل نوجوان جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت اياز حسين ڪلهوڙو پنهنجي ڀائٽي سچل ڪلهوڙو سان گڏجي دانهيندي چيو ته 29 جون تي منهنجو 17 سالن جو پٽ رضوان علي ڪلهوڙو گهران چنگچي رڪشو ڪڍي روزگار لا شهر طرف نڪتو، جيڪو چنگچي سميت لاپتا ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا مٽن مائٽن وٽ ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، پر تنهن باوجود هن وقت تائين سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. هن چيو ته پٽ جي گم ٿيڻ بعد سندس ما جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، جنهن کي پٽ جي جدائي ۾ دورا پئجي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close