سنڌ

ڊالر جي قيمت ۾ 6 رپيا واڌ،222 رپين جو ٿي ويو،اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ٻاڙائي

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رپيا 79 پئسا اضافي سان 222 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. ايڪسپريس نيوز موجب آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي قرض پروگرام کي بحال ڪرڻ جي معاهدي باوجود رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. اڱاري ڏينهن ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي به ڊالر جي قدر ۾ اضافو ڏٺو ويو ۽ واپار دوران ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر رپئي جي مقابلي ۾ ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح عبور ڪري ويو. هڪ موقعي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 9 ڏهائي 92 رپيا مهانگو ٿي 225 ڏهائي 12 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو، پر شام جو مارڪيٽ بند ٿيڻ سان ڊالر گهٽجي ويو. اڱاري ڏينهن واپار جي بند ٿيڻ سان ڊالر مجموعي طور تي 6 رپيا 79 پيسن جو اضافو ٿيو ۽ انجي قيمت 221 ڏهائي 99 روپين تي بند ٿي پر اها به نئين بلند ترين سطح آهي. ماهرن موجب پنجاب حڪومت ۾ تبديلي ۽ پنجاب جي ضمني چونڊن جي نتيجن کانپوءِ پيدا ٿيل غير يقيني سياسي صورتحال سبب رپئي جي قدر ۾ اوچتو گهٽتائي ٿي آهي. هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن رهيو ۽ 100 انڊيڪس 978 پوائنٽون گهٽ ٿي 40 هزار 389 تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1336 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، بازار ۾ اڄ 19 ڪروڙ 48 لک شيئرز جا سودا ٿيا. شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 5 ارب 78 ڪروڙ رپيا رهي، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 137 ارب رپيا گهٽ ٿي 6808 ارب رپيا آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button