سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهڻ گهري ٿو. تفصيل مطابق ناصر حسين شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن جو شڪريو ادا ڪرڻ بدران ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو، هي پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ اهڙا الزام مڙهي رهيو آهي، سنڌ ۾ به صاف شفاف چوند ٿي. ناصر شاهه چيو ته مڪاني چوند جي ٻئي مرحلي ۾ پي ٽي آئي کي بري شڪست ٿيندي. هن چيو ته شادمان نالي جو واقعو نهايت افسوسناڪ آهي وڏي وزير واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close