لاڙڪاڻي جي نامياري شاعر محمد علي لانگاهه جو نوجوان پٽ منصور علي لانگاهه آنڊي جي بيماري سبب چانڊڪا اسپتال ۾ داخل آهي، ناليواري شاعر سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کان پٽ جي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي. ان سلسلي ۾ نامياري شاعر محمد علي لانگاهه صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو نوجوان پٽ منصور علي کوکر آنڊي بيماري ۾ مبتلا آهي، محنت مزدوري ڪري گهر جو خرچ هلائيندو آهي، ڪجهه عرصو اڳ مون سندس آنڊي جو آپريشن ڪرايو، ان تي ڪافي خرچ اچي چڪو آهي پر ان باوجود سندس صحت نه سڌري سگهي، جيڪو هن وقت چانڊڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ گهر جو ڪار وهنوار سخت متاثر ٿيو آهي. ثقافت کاتي، ضلع انتظاميا ۽ ٻين کي اپيل آهي ته پٽ جي علاج ۾ مالي مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close