باقراڻي جي ڳوٺ بنگل ابڙو جي رهواسي عورتن پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي 2 مهينا اڳ قتل ٿيل پيرسن عورت راڻي خاتون جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي عورت ناهيد خاتون ابڙو پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته 20 مئي تي ملڪيت تان منهنجي پيرسن ڀيڻ راڻي خاتون کي سندس مڙس اُڌل ابڙو ڌڪ هڻي سخت زخمي ڪرڻ بعد رات جي وقت قتل ڪري ڇڏيو، جنهن واقعي جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي 5 جوابدارن مٿان داخل ٿيو، جنهن تي پوليس هن وقت تائين صرف هڪ جوابدار قابل ابڙو کي گرفتار ڪري سگهي ۽ ٻيا جوابدار بااثر جي بنگلي ۾ لڪي ويٺا آهن پر ايس ايڇ او باقراڻي الطاف ڪانڌڙو جوابدار ڌر کان ڳري رشوت وٺي ڀيڻ جون خون لوڙهڻ لاءِ ڪوششون ڪري جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن ڪري جوابدار قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته راڻي ابڙو جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close