صالح پٽ جي مندر مان چوري جي الزام هيٺ راجو ميگھواڙ تي تشدد ۽ تذليل جو ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ پاران نوٽيس وٺڻ تي پوليس برجو مل، چمن مل، ڀيرو مل سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي حڪم تي ڊي ايس پي روهڙي جي سربراهي ۾ 3 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي وئي. ٻئي طرف هندو پنچائت جي سڏ تي صالح پٽ ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو. جڏهن ته واپارين گذريل رات صالح پٽ ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو. صالح پٽ جي هندو برادري جي ماڻهن پوليس آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته مندر مان مورتي، سون جو تاج، چاندي جي هار جي چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close