باقراڻي ويجهو ڳوٺ ڪمون منگلو جي رھواسي ڳوٺاڻي ضمير علي جانوري پنهنجي پٽ راجا علي جانوري سان گڏ پريس ڪلب باقراڻي اڳيان بااثر ڌر جي ماڻهن خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته منهنجي ٻني مان بااثر ڌر جا علي نواز چانڊيو، عنايت چانڊيو، ساجد چانڊيو، صادق چانڊيو، نياز علي ۽ زمين مان پاڻي کڻڻ چاھين ٿا، هٿيارن جي زور تي ٽيوب ويل تي اچي منهنجي پٽن کي ڌمڪيون ڏنيون. ھن چيو ته ڳيريلو ٿاڻي تي اهڙي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close