ميرو خان ۾ شهيد بينظير ڀٽو لائبريري ۾ڪتابن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن ذيشان تونيو، شعيب چنو، عبدالغفار جويو، عبدالرؤف تونيو ۽ ٻين لائبريري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تيهنن دانهيندي چيو ته 10 سال گذرڻ باوجود لائبريري کي بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون آهن. لائبريري جو جنريٽر خراب ٿيڻ بعد ٽائون انتظاميا کڻائي وئي ته وري واپس ناهي ڏنو ويو. صفائي جو نظام انتهائي ناقص آهي، ڪتابن جي به تمام گهڻي کوٽ آهي. چونڊيل نمائندا ۽ ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي لائبريري ۾ ڪتابن جي کوٽ ختم ڪري ڪمپيوٽر ۽ جنريٽر ٺهرائي ڏيڻ سان گڏ صفائي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جئين شهر جي واحد لائبريري شاگردن لاءِ لاڀائتي ثابت ٿي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close