سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي مان پي ٽي آءِ جا چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پنهنجي تڪن مان غائب آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته جيڪي اڳواڻ ٽي وي چئنلز تي بيان ڏيندا نظر اچن ٿا، انهن جي تڪ جا ماڻهو چون ٿا ته اهي 2018ع جي چونڊن کانپوءِ نظر ئي ناھن آيا. عوام موجب 95 سيڪڙو ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪاميابي کانپوءِ پنهنجي تڪن ڏانهن مڙي ڏٺو به ناھي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي مافيا بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عمران خان پاڪستان لاءِ بال ٺاڪري ۽ پي ٽي آءِ شيو سينا بڻجي رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان اڄ به قانون کان مٿانهون آهي، ڪو به ادارو ھمت نٿو ڪري سگهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري يا سزا ڏئي سگهي. نفرت واري سياست ڪرڻ عمران خان جي عادت بڻجي وئي آهي. عمران خان جنھن کي پنجاب جو نمبر ون ڌاڙيل سڏيندو هو، ان کي وزير اعليٰ بڻائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن عمران خان ڪوڙ ڳالهايو ھو ته پوءِ پرويز الاهي کان عوام آڏو معافي وٺي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close