سنڌ

مڪاني چونڊن ۾ فوج ۽ رينجرز آفيسرن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ملي ويا

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق مڪاني چونڊن دوران پاڪ فوج ۽ رينجرز اهلڪار پولنگ اسٽيشنز جي ٻاهران مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ رينجرز آفيسر کي مئجسٽريٽ اول جا اختيار هوندا، پولنگ اسٽيشن ٻاهران مقرر پاڪستان رينجرز ۽ پاڪستان آرمي جا اهلڪار پنهنجي سيڪيورٽي ڊيوٽي ڪندي سڀ کان پهريان پرزائيڊنگ آفيسر کي ڪنهن به غلطي جو اطلاع ڏيندا، اهي پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران مشاهدو ڪندا ۽ انهن طرفان جاري ڪيل هدايتن مطابق عمل ڪندا، جيڪڏهن پرزائيڊنگ آفيسر ڪنهن رپورٽ ٿيل بدعنواني جي کي روڪڻ لاءِ ڪم نٿو ڪري ته سيڪيورٽي عملو هن معاملي کي ترت پاڪستان رينجرز ۽ پاڪ فوج جي لاڳاپيل نامزد آفيسر انچارج جي نوٽيس ۾ آڻيندو. خيال رهي ته ٻئي مرحلي ۾ پولنگ 24 جولاءِ تي صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي، جڏهن ته 22 جولاءِ تي رات 12 وڳي چونڊ مهم جو وقت ختم ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button