لاڙڪاڻي جي رسول آباد پاڙي جي رائيس ڪئنال واري روڊ تي قائم مختلف دڪاندارن ۽ علائقي واسين مبينا طور پنهنجي نيڪال وارو گندو پاڻي روڊ تي ڇوڙ ڪرڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، جنهن سبب نئين تعمير ٿيل روڊ کي سخت نقصان رسڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو. ان سلسلي ۾ شهرين اسد ڀٽو، نبي بروهي، وقار سامٽيو، گلشير لهر، پپن کوکر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪروڙين روپين جي لاڳت سان رسول آباد واري پاسي کان رائيس ڪئنال جو نئون روڊ تعمير ڪرايو آهي پر اتان جا دڪاندار توڙي علائقي واسي پنهنجي نيڪال وارو گندو پاڻي روڊ تي ڇوڙ ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري تعمير ٿيل نئون روڊ سخت متاثر ٿيندو پيو وڃي، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. هنن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي روڊ تي گندو پاڻي ڇوڙ ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ڪروڙين روپين سان تعمير ڪرايل روڊ کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close