لاڙڪاڻي جي پراڻي ڌوٻي گهاٽ پير شير روڊ واري علائقي جي رهواسي پيرسن پورهيت پنهنجي ڌيئرن سان گڏجي علائقي ۾ منشيات جو وڪرو ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پيرسن پورهيت شفيع محمد جتوئي ڌيئرن ثمرين، ثمينه خاتون ۽ خديجا جتوئي سان گڏجي دانهيندي چيو ته 35 سالن کان وٺي پراڻي ڌوٻي گهاٽ پير شير روڊ وٽ پوليس سرپرستي ۾ منشيات جو وڪرو هلي رهيو آهي، جنهن ڪري نوجوان نسل تباهي ڪناري تي پهچي ويو آهي، منشيات وڪري سبب چوري جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن. هن چيو ته اهڙيون شڪايتون ڪيترائي ڀيرا پوليس عملدارن کي لکت ۾ ڏنيون آهن پر اڃا تائين ڪو تدارڪ ناهي ٿيو. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس کان پڇاڻو ڪري منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪري نوجوان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close