سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي ٽاور واسين جو بااثرن ۽ پوليس ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي باقراڻي ٽاور واري علائقي ۾ رهائش پذير لاڏائو قبيلي سان واسطو رکندڙ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي بااثر مائٽن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. پورهيت نوجوان بدر منير ڀٽي پنهنجي ما شميم خاتون، ممتاز خاتون، رابعه، طاهران خاتون ڀٽي سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڪٻاڙڪو پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. هن الزام لڳايو ته ڪجھه ڏينهن اڳ بااثر چاچي صدر ڀٽي چيو هو ته تون پنهنجي ڀينرون انجلي، شبوو ۽ بهار ڀٽي منهنجي حوالي ڪر ته مان وڪرو ڪندس، انڪار تي بااثر چاچي صدر ڀٽي پنهنجي ڀاءُ الطاف ڀٽي، پنهل ڀٽي، ذاڪر ڀٽي سميت 40 ماڻهن گهرن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڌڪ لڳڻ سبب مون سميت مامي شڪيلان خاتون، مامو اسد ڀٽي ۽ ڀيڻ انجلي ڀٽي زخمي ٿيا آهيون، واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ الھ آباد ٿاڻي تي پهتس ته پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، ويتر پوليس مونکي زخمي حالت ۾ سڄي رات ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، 3 هزار ڏيڻ بعد هٿ ڪڍيا ويا. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پوليس کان پڇاڻو ڪري بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button