سنڌ

مورو ڀرسان جوابدارن نوجوان کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

مورو ويجھو درس ٿاڻي جي حد ويجھو ڳوٺ سيد قتال شاهه جي رھواسي نوجوان سيد جمن شاهه کي مناھي وٽ جوابدارن ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن جو لاش مورو اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽر قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. ان ڏس مقتول جي ڀاءُ سيد صابر شاهه ٻڌايو ته منھنجي ڀاءُ کي سيال برادري جي ماڻهن ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪيو آھي. ڪجھه سال اڳ منھنجي ڀاءُ، مشتاق سيال کي قتل ڪيو ھو، جنھن جي پلاند ۾ ڀاءُ سيد جمن شاهه کي قتل ڪيو ويو آھي. ھن ٻڌايو تہ پنج سال اڳ فيصلو پڻ ڪيو ويو، جنھن ۾ ڏنڊ چٽي رکي جيڪا ادا ڪئي ۽ تڏي جي معافي ورتي، ان باوجود نوجوان ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آھي. اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي. جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button