آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن قمبر با پاس تي نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اميدوارن صدام لاشاري، نديم چانڊيو، اشفاق چانڊيو، يونس بلوچ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڊي اي او قمبر شهدادڪوٽ تعلقي شهدادڪوٽ ۾ 176 ميل اسڪول هجڻ باوجود 2013 ع کان 2021ع تائين صرف 121 مردن جون سيٽون ظاهر ڪيون آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته ڊي اي او تعلقي شهدادڪوٽ جون سيٽون ظاهر نٿو ڪري. هنن چيو ته تعلقي شهدادڪوٽ جي 40 کان 54 مارڪون کڻندڙ 300 اميدوارن سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هنن وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close