سنڌ

سڪرنڊ ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ملازم جو پگهارن لا احتجاج

سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سڪرنڊ جو فيلڊ آفيسر امير علي سيال 13 مهينن کان پگهار بند هجڻ خلاف ٻارن سان گڏ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيو ته ايم ڊي اعجاز پٺاڻ ۽ ڊائريڪٽر آغا شاھد حسين ڪوڙن بلن تي صحيح نه ڪرڻ تان ۽ اداري ۾ پوکيل ڪڻڪ مان ھڪ ھزار مڻ ناجائز طريقي سان نه ڏيڻ جي ڪري منھنجي 13 مھينن کان پگھار بند ڪري ڇڏي آھي. مون کي تنگ ڪرڻ لا ڪنهن مھل حيدرآباد ته ڪنهن مھل سڪرنڊ ۾ بدلي ڪيو ٿو وڃي. پگھار نه ملڻ ڪري منھنجي ٻچن جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي. اسان وٽ کائڻ لا ڪجھه به ناھي. بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون. اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button