منهڙو ويجهو سونھري فارم جو رهواسي سيپڪو جو پرائيويٽ ملازم نوجوان راشد ھاليپوٽو 11 هزار وولٽيج جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان کي مورو جي سيپڪو عملدارن سيپڪو ٽو جمالي فيڊر تي پرائيويٽ مقرر ڪيو هو. نوجوان بجلي جون تارون ٺاهڻ لا ٿنڀي تي چڙهيو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. نوجوان جي فوت ٿيڻ واري خبر پوڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي نوجوان جو مڙهه تعلقه اسپتال مورو منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جيڪي مڙهه گهر کڻي ويا ته روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن ته جنازي نماز کانپو مڙهه مٽي ما حوالي ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close