روھڙي جي جھانگڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ منڊي ديرو مان ھفتو اڳ گم ٿيل شادي شده نوجوان دانيال رند جي وارثن نوجوان جي پيءُ منور رند ۽ ما بشيران خاتون پنهنجي نياڻين سان گڏجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته دانيال جي زال عيد تي پي ماءُ سان ملڻ وئي هئي، جنهن کي ھنن رسائي ويھاري ڇڏيو. ھنن اسان جي نوجوان پٽ کي زال سان ملڻ کان به روڪي ڇڏيو، جنهن تي دانيال سخت پريشان ٿي ويو ۽ ھن خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جتان بچائڻ کانپوءِ گذريل ھفتي کان گم ٿي ويو آهي. اھڙي واقعي جو پوليس کي به اطلاع ڏنو آهي پر ھن محل تائين ڳولا ۾ پوليس تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏھن دانيال غلط قدم کنيو ته ان جي ذميواري سندس ساھرن تي ھوندي. مظاھرين مطالبو ڪيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close