مورو ۾ درس روڊ تي گهرن تي پوليس چڙهائي ۽ نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم، قومي عوامي تحريڪ ۽ متاثر کوسا برادري جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي بشير احمد کوسو، خادم حسين کوسو، شڪيل احمد کوسو، سبحان حسين کوسو، امين ڪلھوڙو، قربان ڇڄڙو، سرمد سنڌي ڏيپر، ذوالفقار علي کوسو، ھدايت سومرو، اسدالله، نزاڪت علي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته 2 ڏينھن اڳ ٻارن جي معمولي ڳالھه تان درس روڊ تي کوسا ۽ لانگاهه برادري جي ماڻهن ۾ جھيڙو ٿيو ھو، جنھن تي پوليس رات جي اونداھي ۾ سول ڊريس پھريل ماڻھن سان گڏ گھرن تي چڙھائي ڪري نذير احمد کوسو ۽ سجاد کوسو کي کنڀي ويا، جنھن مان سجاد علي کوسو کي نيشنل ھاءِ وي تي زخمي حالت ۾ ڇڏي ويا ۽ نذير احمد کوسو ھن وقت تائین گم آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close