سنڌ

انتقام جي سياست ڪندڙ وقت جو انتظار ڪن:مرتضى جتوئي

مورو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي چيئرمين غلام مرتضى خان جتوئي ۽ مسرور احمد جتوئي جي مان ۾ محمد ھاشم نول پاران آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ جي ڊي اي ڪارڪنن سميت مختلف برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته جيڪي انتقام جي سياست ڪن ٿا، اهي وقت جو به انتظار ڪن. اسان پنھنجي ورڪرن ھمدردن کي ڪنھن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو آهي نه ڇڏينداسين. اسان جيڪو به فيصلو ڪنداسين، اھو پنھنجي ساٿين سان صلاح مشوري بعد ڪنداسين. پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ وڃڻ جو فيصلو ناھي ڪيو، جيستائين عوام ڪو فيصلو نٿو ڏئي، تيستائين اسان خاموش آھيون. ڇاڪاڻ ته عوام اسان جو سرمايو آھي. ھنن چيو ته اسان ھميشھ عوام جي مفاد خاطر فيصلا ڪيا آھن. انھن جي ڏکن تڪليفن ۾ ساٿ ڏنو آھي. انشاءَالله اھو ساٿ زندگي ڀر رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button