سنڌ

سنڌ جي وقتي گورنر سراج دراني جي حسين شاهه بخاري سان ملاقات

وقتي مقرر گورنر سنڌ آغاز سراج دراني اڄ سنڌ صوبي جي معروف روحاني شخصيت سيد غلام حسين شاهه بخاري سان ڪراچي ۾ سندس رهائش گاهه تي ملاقات ڪئي ۽ ان جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي غلام حسين شاهه بخاري سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي. هن وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي آغا سراج دراني چيو ته سرزمين سنڌ اوليا ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي ۽ انهن ئي بزرگن جي دعائن جي بدولت هي ملڪ قائم ۽ دائم آهي ۽ هميشه رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button