سنڌ

دعا زهرا کي پهرين آگسٽ تي ڪراچي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي جي مقامي عدالت دعا زهرا کي پهرين آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڊيشل مجسٽريٽ اوڀر دعا زهرا جي بازيابي بابت سندس ماءُ جي درخواست تي شنوائي ڪئي ۽ ڇوڪري کي پهرين آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي حڪمنامو جاري ڪيو، جنهن ۾ جاچ آفيسر کي دعا زهرا کي ايندڙ شنوائي تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جاچ آفيسر کي دعا زهرا جي لاهور کان ڪراچي منتقلي جو حڪم ڏنو آهي، دعا کي ڪراچي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن ڪيس ۽ ڪسٽڊي وارو معاملو اڪلائي سگهجي. عدالت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ دعا زهرا جي ماءُ درخواست داخل ڪئي هئي ۽ دعا جي مفاد ۾ اها درخواست منظور ڪئي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button