سنڌ

ڄام صادق پل جي مرمت ۽ نئين پل جي تعمير تي اتفاق

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين سان گڏ ورلڊ بينڪ جي مجموعي پورٽ فوليو جو جائزو وٺندي ڄام صادق پل جي مرمت ۽ ماس ٽرانزٽ سسٽم لاءِ متبادل طور نئين پل جي تعمير تي اتفاق ڪندي واٽر بورڊ ۾ سڌارن وارو منصوبي تي پڻ ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو التوا هيٺ آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سردار شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، ناصر شاهه، ڄام خان شورو، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، بحالي واري کاتي جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، سيڙپڪاري بابت خاص مددگار قاسم نويد، سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ، چيف سيڪريٽري سنڌ ، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ماس ٽرانزٽ سسٽم جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڄام صادق پل جي اوور هالنگ/ مرمت جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ڄام صادق پل جي متبادل طور نئين پل جي تعمير تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو موجوده ڄام صادق پل جي مرمت لاءِ پي سي ون تيار ڪري ۽ ان جي جاءِ تي نئين پل جي تعمير لاءِ پلان تيار ڪري. اجلاس ۾ هڪ ٻيو معاملو ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو بحث هيٺ آيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت KWSB کي هڪ خودمختيار، معياري پروفيشنل ۽ موثر ادارو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر ان جا نتيجا اڃا اچڻا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيڊ هنٽنگ فرم KWSB لاءِ CEO جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا آهن ۽ ان جو بورڊ جلد انهن مان هڪ جي مقرري جي منظوري/سفارش ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس معلوم ٿيو آهي ته واٽر بورڊ جي نيڪالي ۽ پاڻي جي ورڇ واري نظام جي درست نموني دستاويز هيٺ نه آندا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهو ڪم ڪجهه سينيئر ۽ تازو رٽائرڊ انجنيئرن جي دل ۽ دماغ ۾ هو، تنهنڪري اسان کي انهن جي ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻي پوندي ۽ پوءِ شهر جي ضرورت موجب ان کي بهتر ڪرڻو پوندو. ان تي عالمي بينڪ، وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته سندس ماهر صوبائي حڪومت جي مدد ڪندا ته جيئن سسٽم کي صحيح طريقي سان ڊاڪيومينٽ ڪري سگهجي. ڪامپيٽيٽو اينڊ لائيو ايبل سٽي آف ڪراچي پروجيڪٽ تي بحث ڪندي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته اربن اموويبل پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي لوڪل ڪائونسلن جي حوالي ڪئي وئي آهي. ورلڊ بينڪ کي ٻڌايو ويو ته پراپرٽي ٽيڪس ڪليڪشن عملي کي ميونسپالٽي کاتي حوالي ڪيو ويو آهي ته جيئن ايندڙ ٻن ٽن سالن تائين ٽيڪس اوڳاڙي جاري رکي وڃي. وقت گذرڻ سان گڏ لوڪل ڪائونسل پنهنجي عملي کي تربيت ڏيندا ۽ ٽيڪس پاڻ گڏ ڪندا. منصوبي تحت شهر ۾ پراپرٽي جو نئين سروي ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سروي جا ماهر ۽ ٻيو لاڳاپيل عملو مقرر/ ڀرتي ڪيو پيو وڃي. هي ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان 22 ڪلوميٽر ڊگھو ييلو لائين BRT ڪوريڊورز، بس ويز، اسٽيشنن، ٽرمينلز ۽ ڊپو جي تعمير ذريعي شهري ٽرانسپورٽ، رسائي ۽ روڊن جي حفاظت کي بهتر بڻائيندو ۽ ماس ٽرانزٽ انفراسٽرڪچر ذريعي بهتر بڻائڻو آهي. منصوبي جي لاڳت 53540 ملين رپيا آهي. سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ جون 2023ع کان بي آر ٽي ييلو لائين جو سول ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ پيرا ميٽر بائونڊري جي خريداري آگسٽ 2022ع ۾ شروع ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button