سنڌ

عمران خان جو ماهر نفسيات کان علاج ڪرايو وڃي:امتياز شيخ

توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن نفسيات جي ماهر کان علاج ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي، الزام لڳائڻ کان اڳ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي. اميتاز شيخ چيف اليڪشن ڪمشنر تي تنقيد جي سخت مذمت ڪندي پي ٽي آئي اڳوڻن جي بيان تي پنهنجو ردعمل ڏنو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي سياست گار ۽ ڌمڪين سان شروع ٿي منهن مٿو پٽڻ تي ختم ٿئي ٿي. فارن فنڊنگ جي امڪاني فيصلي عمران خان کي ذهني بيمار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عمران خان جي سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت جواب ڏئي چڪي آهي، کيس ڪنهن سٺي نفسيات جي ماهر کان علاج ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي. پنجاب جي ننڍي چونڊ کٽڻ جي باوجود عمران ڌانڌلي جو شور مچائي رهيو آهي. امتياز شيخ چيو ته آصف علي زرداري عمران خان جي حواس تي ڇانيل آهي، آصف زرداري تي الزام لڳائڻ کان اڳ هو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button